اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ نگران حڪومت قومي مفاد جي پاليسين جو تسلسل قائم رکي، پور?? ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو تسلسل برقرار رهي. اها ڳالهه هن اسلام آباد ۾ پنهنجي صدارت ۾ اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيز ۾ جاري سڌارن بابت اڳڀرائي جي جائزه اجلاس دوران ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ادارن بشمول ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي جا انگ اکر پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ جاري سڌارن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته حڪومت عالمي معيار موجب ادارن جي بهتري ۽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيز ۾ سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي، جديد نظام ۽ بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ انهن ادارن جي بورڊ ماهرن جي شموليت يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم چيو ته خدمتن جي آئوٽ سورسنگ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ شفافيت جي عنصر کي مرڪزي اهميت ڏني وڃي، حڪومت يقيني بڻائيندي ته ايندڙ نگران حڪومت قومي مفاد جي پاليسين جو تسلسل قائم رکي، پور?? ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو تسلسل برقرار رهي. هن هدايت ڪئي ته قومي خزاني کي خساري سان نقصان پهچائيندڙ ادارن جي اصلاح کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد نويد قمر، مخدوم مرتضيٰ محمود، انجنيئر خرم دس??گير، خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Right to information vital for improving democracy
-
Four killed, 33 injured in accidents due to fog
-
Candle snuffed
-
Lucky Pig کی آفیشل گیم ویب سائٹ
-
سانٹا کا تحفہ - ایپ گیم کی باضابطہ ویب سائٹ
-
پی جی سافٹ ویئر آفیشل گیم ویب سائٹ: نئی گیمنگ دنیا کا تجربہ
-
لاٹری سٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات
-
ایچ بی الیکٹرانک ریپوٹیشن بیٹنگ ویب سائٹ کی جدید ترین سہولیات
-
PT الیکٹرانک انٹیگریٹی بیٹنگ لنک: ایک محفوظ اور شفاف تجربہ
-
شوٹنگ فش آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
ورچوئل رئیلٹی لاٹری آفیشل گیم کی آفیشل ویب سائٹ
-
Hula APP گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل گائیڈ